رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا/ رسالو: ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام جي هڪ خاص ترتيب هوندي آهي، جنهن هيٺ گڏ ڪيل ڪلام کي ’رسالو‘ چئبو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ’رسالي‘ جو نالو نئون ڪونهي، ان جو تعلق مسلمان مصنفن جي روايت سان وابسته رهيو آهي، اڳوڻا مصنف پنهنجي ياداشتن کي جدا جدا صورتن ۾ ۽ جدا جدا نالن هيٺ مرتب ڪندا هئا. جيئن:
جُنگ: ’جنگ‘ وڏي دفتر يا ڪتاب کي چيو ويندو هو، جنهن ۾ شعر يا ٻيو ڪو دلچسپ يا ضروري مواد جمع ڪري رکبو هو. ان جو مثال مشهور فارسي شاعر ’صائب‘ جو انتخاب آهي، جيڪو هن ٻين شاعرن جي ڪلام مان چونڊي پيش ڪيو. ان جو نالو فارسي شاعرن جي تذڪرن ۾ آيل آهي.
بياض: ’بياض‘ ۾ عام طور شعرن جو انتخاب هوندو آهي، پر ان سان گڏ ذاتي خانداني حال احوال، خاص خاص سن، ڄمڻ مرڻ جون تاريخون ۽ ڪن اهم حادثن ۽ واقعن بابت يادگيريون شامل هونديون آهن. سنڌ ۾ اهڙا بياض تمام گھڻا موجود آهن.
ڪشڪول: ’ڪشڪول‘ به بياض جو ئي قسم آهي. فرق صرف ايترو آهي ته ڪشڪول ۾ ڪا خاص ترتيب نه هوندي آهي ۽ اُن ۾ هر قسم جو مواد شامل هوندو آهي.
گنج: بياض، جڏهن حد کان وڏو ٿي ويندو آهي ته ان کي ’گنج‘ چوندا آهن، گنج کي ’گنجينه‘ به چيو ويندو آهي. شاهه سائينءَ جي رسالي کي پڻ ’شاهه جو گنج‘ سڏيو ويو آهي، جنهن ۾ شاهه جي ڪلام سان گڏ محفل ۾ چيل ٻين اهم شاعرن جو ڪلام به شامل آهي.
تذڪرا: ’تذڪري‘ جو هڪ قسم اهڙو به هوندو آهي، جنهن ۾ ذاتي ۽ خانداني حالات يا سوانح عمريون شامل هونديون آهن. جيئن علامه عنايت الله خان مشرقيءَ جو ’تذڪره‘ ۽ مولانا ابوالڪلام ’آزاد‘ جو ’تذڪرو‘. تذڪري جو ٻيو قسم هڪ اهڙو بياض آهي، جنهن ۾ شاعرن جي ڪلام کانسواءِ انهن جي حياتيءَ جو مختصر احوال به لکيو ويندو آهي. اهڙن تذڪرن جو تعداد فارسي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ تمام گھڻو آهي. اهڙن تذڪرن ۾ سنڌ جا مشهور فارسي تذڪرا، ’مقالات الشعرا‘، ’تڪمله مقالات الشعرا‘، ’تذڪره شعراءِ ٽکڙ‘ ۽ ’تذڪره شعراء سکر‘، ’تذڪره تڪملة التڪملة‘ ۽ ٻيا اهم آهن.
رسالو يا رسالا: ’رسالا‘ ڪن اهم ۽ مفيد موضوعن تي مختصر ڪتاب هوندا آهن، جن ۾ ڪنهن علم يا فن بابت مختلف، ڪارائتا ۽ دلچسپ مضمون لکي محفوظ رکبا آهن. جيئن مشهور فارسي لغت ’غياث اللُغات‘ ۾ موسيقي، منطق ۽ عروض وغيره جي موضوعن تي رسالا شامل آهن. اهڙا رسالا فارسيءَ ۾ گهڻا لکيا ويا آهن. فارسيءَ ۾ ننڍي کنڊ ۾ نظم جي ڪتاب کي به ’رسالو‘ چيو ويو آهي. شاهجهان، سندس ڌيءَ جھان آرا ۽ پٽ دارا شڪوه جي مرشد ۽ ميان مير سنڌيءَ جي خاص مريد ملا شاهه بدخشيءَ جي مثنوين کي ’رسالي‘ جو نالو ڏنو ويو آهي، جيئن ته ’رساله حمد و نعت‘، ’رساله ولوله‘ ۽ ’رساله نسب‘ وغيره.
ڪن رسالن ۾ هڪ کان وڌيڪ موضوعن تي ننڍا ننڍا مقالا گڏ ڪري ’رسالي‘ جو نالو ڏنو ويندو آهي. شاهه لطيف جي سوالن جي جواب ۾ مخدوم معين الدين ٺٽويءَ ’رساله اويسيه‘ (فارسي) لکيو، جنهن جا سنڌي ۽ اردو ترجما ڇپجي چڪا آهن.
سنڌي ۽ اردو مخزن کي به ’رسالو‘ ڪوٺيو ويندو آهي، جو انهن ۾ جدا جدا موضوعن تي مضمونن کانسواءِ شاعرن جو ڪلام به هوندو آهي. محقق ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ لطف الله قادريءَ جي رسالن جي سلسلي ۾ اهڙن ’رسالن‘ جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. جيتوڻيڪ اڃا سوڌو اها خبر پئجي نه سگھي آهي ته سنڌي شاعرن جي ڪلام کي ’رسالي‘ جو نالو ڪڏهن کان ڏنو ويو ۽ پهريون رسالو ڪڏهن ۽ ڪنهن گڏ ڪيو.
سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام کي ’رسالي‘ جو نالو انهيءَ ڪري ڏنو ويو آهي، جو ان ۾ هر سُر (فصل) ۾ جدا جدا راڳن، لوڪ داستانن ۽ موضوعن بابت ڪلام گڏ ڪيو ويندو آهي. اهڙا رسالا رڳو سنڌي شاعرن ئي مرتب ڪيا آهن. ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ شاعرن جي ڪلام کي ’رسالو‘ نه چيو ويو آهي. سنڌي رسالي جي ترتيب تمام سهڻي ۽ مڪمل آهي. رسالي جي انهيءَ ترتيب ۽ انداز کي ڏسڻ سان ڄاڻ پوي ٿي ته اها ترتيب اوچتي نه آئي آهي، پر اُن جو ڪو پسمنظر هوندو، ڪا تاريخ هوندي.
سنڌي رسالي جي معياري ترتيب اسان کي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي صورت ۾ نظر اچي ٿي. دراصل رسالي جي ترتيب جا تجربا هن رسالي جي سلسلي ۾ ئي شروع ٿيا آهن ۽ رسالن جي ترتيب ۾ شاهه جي رسالي کي مرڪزي حيثيت حاصل رهي آهي.
شاهه جي رسالي کان اڳ ۾ ڪو رسالو اهڙي ترتيب سان مرتب ٿيو هو يا نه؟ اهو يقين سان چئي نٿو سگھجي، جيڪڏهن اهڙو ڪو رسالو ترتيب ٿيو هو ته ان جي ترتيب ڪهڙي هئي؟ ان ۾ ڪهڙا ڪهڙا سُر هئا؟ شاهه جي رسالي کان اڳ جو ڪو رسالو اڃا تائين دريافت نه ٿيو آهي. شاهه سائين جي بزرگ همعصر شاعر ميين شاهه عنات رضويءَ جو ڪلام به بياض جي صورت ۾ هو. بعد ۾ ان رسالي جي ترتيب به شاهه جي رسالي وانگر ڪئي وئي آهي. ميين شاهه عنات جي رسالي ۾ سندس ڪلام سان گڏ سندس خاندان جي ٻين شاعرن جو ڪلام به شامل آهي. شاهه جي رسالي کان اڳ سنڌي شاعرن جو ڪلام گھڻوڪري بياض جي صورت ۾ يا ملفوظات ۽ تصوف جي ڪتابن ۾ درج آهي، پر شاهه جي رسالي جي ترتيب (توڙي بياض جي صورت ۾) خاص قسم جي آهي. هن ترتيب جا ٻه نمونا آهن. پهريون نمونو سُر سسئيءَ سان شروع ٿئي ٿو ۽ ٻيو نمونو سُر ڪلياڻ سان شروع ٿئي ٿو. شاهه جي رسالي جي ٻي ترتيب وڌيڪ رائج ۽ مقبول آهي. محققن هن ترتيب کي معياري قرار ڏنو آهي، ڇو ته ان جو سلسلو شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي درگاهه واري گم ٿيل رسالي سان ملي ٿو. البت شاهه سائينءَ جي درگاهه تي رکيل سڀ کان جھوني رسالي ’گنج‘ جي شروعات سر سسئيءَ سان ٿيل آهي.
رسالي جي ترتيب موسيقيءَ تي ٻڌل آهي، ان جي هر هڪ باب يا ’فصل‘ کي ’سرود‘ يا ’سر‘ چيو وڃي ٿو ۽ وڌيڪ سر ڪنهن نه ڪنهن راڳ جي نالي سان منسوب ٿيل آهن. هر سُر ۾ جيترو ڪلام آهي، سو ان سر سان منسوب راڳ ۾ ڳايو ويندو آهي. اهڙيءَ ريت سر يا سرود رسالي جو هڪ باب يا فصل به آهي ۽ راڳ به آهي. اهو لفظ ٻنهي معنائن ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو.
شاهه جي معياري رسالي ۾ ٽيهه سُر آهن. علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي مرتب ڪيل رسالي ۾ 29 سُر آهن. ان کانسواءِ جھونن رسالن جي جدا جدا نسخن ۾ 32 ۽ 36 سُر به ملن ٿا، پر محققن جو خيال آهي ته ٽيهن کان مٿي سُر الحاقي آهن.
سنڌي شاعرن جي ڪلام جي ترتيب جو هي نمونو، موجوده معيار تائين هڪدم نه پهتو آهي. اهڙيءَ ترتيب جي اوسر ۾ وقت لڳو هوندو. جيتوڻيڪ شاهه جي رسالي ۾ هڪ سهڻي ترتيب موجود هئي. تڏهن به ڪن شاعرن جي رسالن ۾ سرن جي ٿوري گھڻي هيرڦير ٿي آهي، تنهنڪري گمان آهي ته رسالن جي ترتيب ۾ اڳي به اهڙيون تبديليون ضرور ٿيون هونديون ۽ سنڌي رسالي جي ترتيب جي ضرور ڪا تاريخ آهي ۽ موجوده ترتيب ارتقائي منزلون طئي ڪري اڄوڪي معياري ترتيب تائين پهتي آهي.
خليفي نبي بخش جي رسالي جي نئين ترتيب بلوچ صاحب، شاهه جي رسالي موجب ڪئي آهي. سچل سرمست جو ڪلام به ’سچل جو رسالو‘ سڏجي ٿو.
ڀڳتي ۽ تصوف جي وچ ۾ راڳ ۽ ڪلام جي ڪري هڪ ظاهري هڪجھڙائي هئي. راڳ ۽ ڪلام ٻنهي سلسلن ۾ لازم ۽ ملزوم هئا، پر ٻنهيءَ جي توحيدي تصور ۾ ڪجهه بنيادي فرق هو، جنهن کي اڪثر هندو صوفين به قبول ڪيو آهي. ڇو ته سنڌي هندو گھڻو ڪري صوفي عقيدي جا پيروڪار ۽ نرگڻ وادي هئا. ان ڪري هندن ۽ مسلمانن جي عقيدن ۾ فرق تمام گھٽجي ويو هو. جيتوڻيڪ اها پڪ نه آهي ته صوفي ڪلام کي گڏ ڪرڻ جو سلسلو ڪڏهن کان شروع ٿيو، پر ڀڳتي تحريڪ هيٺ ڪلام گڏ ڪرڻ جو سلسلو گھڻو اڳ شروع ٿي چڪو هو، ڀڳتي تحريڪ جي شاعرن/ درويشن جي ڪلام جي ترتيب جو ڪم ٽن مرحلن ۾ هليو آهي، جنهن جي اثر هيٺ ڀڳت ڪبير، گرونانڪ، سورداس، تلسيداس ۽ دادو ديال جھڙن درويشن جو ڪلام گڏ ٿيو. سوامي هريداس پنهنجي ڪلام جي سلسلي ۾ رڳو ڪلام کي اهميت ڏني ۽ هر ڪلام جي مٿان راڳ جو نالو لکيو. اڳتي هلي ان ۾ ڦيرو آيو ۽ ڪلام بدران راڳ کي اهميت ڏني وئي، جو ٻئي مرحلي ۾ راڳ هيٺ ڳائجندڙ سمورو ڪلام هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو. سوامي هريداس موسيقيءَ جو وڏو ماهر هو، هو تانسين ۽ بيجو باوره جھڙن برک ڳائڻن جو استاد هو.
ڀارت ۾ هڪ مَٺ مان دادو ديال ۽ ٻين ڀڳتي شاعرن جي ڪلام سان گڏ جيڪو قاضي قادن جو ڪلام هيري ٺڪر کي مليو هو، ان کي ’ڪلام/ واڻي‘ چيو ويو آهي، جنهن کي ڊاڪٽر بلوچ بعد ۾ ’رسالو‘ نالو ڏنو.
ڪلام گڏ ڪرڻ جا هي ٻئي نمونا بنهه سادا هئا، جن ۾ ترتيب جي ڪا خاص سهڻائي ۽ فڪر نظر نٿو اچي، جيڪا ٽئين مرحلي ۾ پيدا ٿي، ٽئين مرحلي جي مڪمل ۽ سهڻي ترتيب جي صورت اسان کي گرو گرنٿ صاحب ۾ نظر اچي ٿي، گرونانڪ ۽ ان کانپوءِ واري دور جي گرُن جي ڪلام کي اڳين ٻنهي نمونن هيٺ گڏ ڪيو ويو، پر پوءِ سک گرُن کي گرونانڪ ۽ ٻين گرُن ۽ ڀڳتن جي ٻاڻين کي، جيڪي جدا جدا هنڌن تي پکڙيل هيون، گڏ ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو. انهيءَ ڪلام گڏ ڪرڻ کانپوءِ کين معلوم ٿيو ته جدا جدا ماڻهن ڪلام کي جدا جدا نمونن ۾ نقل ڪري رکيو آهي. انهن سمورن نمونن کي سامهون رکي هڪ نئين ۽ سهڻي ترتيب سان گڏ گرنٿ کي تيار ڪيو ويو. نئين ترتيب ۾ جدا جدا راڳن جي نالن سان باب قائم ڪيا ويا ۽ هر باب جو عنوان جيڪو ڪنهن نه ڪنهن راڳ جي نالي سان منسوب هو، جدا جدا ڀاڱن ۾ ورهايو ويو.
گرو گرنٿ صاحب ۾ شاعريءَ جون ڪيتريون ئي صنفون شامل آهن. گروگرنٿ جي ترتيب کي ڏسڻ سان خبر پوي ٿي ته هيءَ ترتيب، شاهه جي رسالي ۽ سنڌي شاعرن جي رسالن جي ترتيب سان مطابقت رکي ٿي. شاهه جي رسالي ۾ ٽيهه ســر آهن ۽ گـرنـٿ ۾ ايـڪٽيـهه راڳ آهـن. شــاهه عبداللطيف ڀٽائي به گرنٿ صاحب جي ترتيب کان چڱيءَ طرح واقف هو ۽ هن رسالي کي مرتب ڪرڻ مهل ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ گرنٿ واري ترتيب کي پنهنجي ڪلام جي ترتيب لاءِ مناسب سمجھيو هجي. سنڌيءَ ۾ گرو گرنٿ پنجن جلدن ۾ ’شري گرو واڻي‘ جي نالي سان، 1920ع کان 1945ع تائين گور سنگت هيرآباد، حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو، اُن جي ترتيب پڻ سُرن موجب آهي.
جيئن ته شاهه جي رسالي ۾ رڳو بيت ۽ وايون هيون ۽ ٻئي ڪنهن شاعر جو ڪلام (گرنٿ صاحب جي انداز ۾) گهڻي ڀاڱي شامل نه آهي، ان ڪري گھڻي سوچ ويچار کانپوءِ رسالي کي سادو رکيو ويو. سُرن (بابن يا فصلن) کي داستانن ۾ ورهايو ويو ۽ هر داستان جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ وايون ڏنيون ويون، جيڪي داستان جي بيتن کانپوءِ اچي داستان کي ختم ڪن ٿيون.
گرنٿ صاحب ۾ گرو صاحبان کانسواءِ ڪيترن ئي ڀڳتن، شاعرن ۽ فقيرن جو ڪلام شامل آهي ۽ ڪلام جون ڪيتريون ئي الڳ صنفون آهن، ان ڪري شاهه جو رسالو گرنٿ جي مقابلي ۾ مختصر آهي.
گرو گرنٿ صاحب ۽ شاهه جي رسالي ۾ شامل راڳن ۽ سرن ۾ گھڻي ڀاڱي هڪجھڙائي آهي. ٻنهي ۾ ساڳيا راڳ، سريراڳ، راڳ آسا، راڳ سورٺ، راڳ بلاول، راڳ رامڪلي، راڳ ڪيدارا (ڪيڏارو)، راڳ سارنگ، راڳ ڪليان (ڪلياڻ) موجود آهن. ان کانسواءِ ڪجهه سُر اهڙا آهن، جن ۾ شاهه سائينءَ جو ڪلام چيل ڪونهي، پر شاهه سائينءَ جي محفلن ۾ انهن سُرن وارو ڪلام ڳايو ويو، سي سُر (راڳ) گرنٿ صاحب ۾ موجود آهن، جيڪي راڳ ڪانڙ (ڪانرو)، راڳ بسنت (بسنت بهارراڳ بهاگڙا (وهاڳڙو) ۽ راڳ ڌناسري آهن، جڏهن ته گرنٿ صاحب ۾ اهڙا راڳ به موجود آهن، جيڪي نج سنڌي سُر آهن ۽ سنڌ ۾ عام جام ڳايا وڃن ٿا، پر شاهه جي رسالي ۾ اهي سُر موجود نه آهن. جھڙوڪ: راڳ تِلنگ، راڳ مانجهه وغيره. راڳ مانجھه اهڙو سُر آهي، جيڪو شاهه سائينءَ جي گنج ۾ ملي ٿو، جيڪو نسخو ڀٽ شاهه ۾ درگاهه تي رکيل آهي ۽ هير رانجھي جو داستان انهيءَ سُر ۾ ڳايو ويندو هو.
گرنٿ ۾ ايڪٽيهه راڳ آهن، جن مان پندرهن راڳ نه رڳو سنڌ ۾ رائج آهن، پر انهن ۾ ڪيترائي راڳ شاهه جي رسالي ۾ موجود آهن. باقي ٻيا ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڪري سنڌ ۾ به ڳايا ۽ ٻڌا وڃن ٿا.
سنڌي رسالي جي ترتيب کي ڏسي چئي سگھجي ٿو ته سنڌي رسالي جي ترتيب گرنٿ سان ۽ گرنٿ جي ترتيب سنڌي رسالي جي ترتيب سان مطابقت رکي ٿي. اهڙي صاف ۽ واضح مطابقت کي اتفاق نه چئبو، پر ٻنهي ۾ هڪ تاريخي لاڳاپو آهي.
هڪ ٻي ڳالهه سنڌي رسالي جي ترتيب ظاهر ڪرڻ لاءِ اهم آهي، جنهن ۾ اسماعيلي برادريءَ جا متبرڪ گنان اچي وڃن ٿا، جيڪي آڳاٽي سنڌي شاعريءَ ۾ شمار ٿين ٿا. گنانن جو تعلق به موسيقيءَ سان آهي (۽ ڀڄن جي رنگ ۾ ڳايا وڃن ٿا). پر هتي رسالي يا گرنٿ جي ترتيب واري ٽئين مرحلي سان گنانن جو تعلق نٿو جُڙي.
گرو گرنٿ صاحب ۽ سنڌي رسالي جي ترتيب نرالي آهي. ٽئين مرحلي جي ترتيب مطابق سنڌي شاعرن جي رسالن ۽ گرنٿ کانسواءِ ڪنهن ٻي ڀڳتيءَ واري شاعري اهڙيءَ طرح مرتب ٿيل منظر عام تي نه آهي. ان ڪري ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته ’رسالا‘ سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام جي ترتيب جي روايت بڻجي ويا آهن.
سنڌيءَ ۾ ڪيترائي رسالا مرتب ٿيندا رهيا آهن، جن جي ترتيب ۾ ڪا منجھائيندڙ ڳالهه ڪانهي، ڇو ته رسالن ۾ صرف سنڌي شاعري هوندي آهي، يا وري ڪجهه شاعرن سرائيڪيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي. سرائيڪي ٻولي به سنڌي ٻوليءَ جو لهجو آهي يا اُن سان ويجھڙائي رکي ٿي، جڏهن ته گرو گرنٿ صاحب ۾ ٻولين جو وڏو اختلاف آهي. خود گرو صاحبن جو ڪلام هڪڙي نموني جي هنديءَ ۾ آهي. ڀڳتن جي ٻاڻي ٻي هنديءَ ۾ آهي، پر انهن جي زبانن ۾ ڪيترين ٻولين جو ميل معلوم ٿئي ٿو، ڇو ته جن ڀڳتن جو ڪلام گرو گرنٿ ۾ آهي، سي جدا جدا هنڌن جا رهاڪو هئا ۽ جن جي ٻولين ۾ پوربي، راجستاني، گجراتي، مرهٽي، ڍاٽڪي، سنڌي، سرائڪي ٻولين جو نمايان اثر هو ۽ گرنٿ صاحب اهڙين ٻولين جو ڀنڊار آهي. اهڙيءَ ريت ان ۾ صنفون به ڪيتريون آهن، پر سنڌي رسالن خاص طور شاهه جي رسالي ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ڪانهي. رسالي جي ترتيب سادي، من موهيندڙ ۽ سهڻي آهي. ان کي ڏسي ترتيب جي مڪمل ٿيڻ جو احساس پيدا ٿئي ٿو. هيءَ ترتيب سنڌي رسالن جي روايت بڻجي، ارتقائي منزلون طئي ڪري چڪي آهي.
مطلب ته گنج رسالو، شاهه صاحب جي وفات 1165هه/ 1752ع کان 42 سال پوءِ لکيو ويو. هن وقت تائين گنج کي آڳاٽو رسالو سمجھيو ويو آهي، جنهن جي آخر ۾ ڪاتب ’تمام شد رساله‘ جا لفظ لکيا آهن، مطلب ته انهيءَ ڪاتب شاهه جي ڪلام جو نالو ’رسالو‘ ڄاڻايو آهي. ان کانپوءِ هڪ ٻيو قلمي رسالو قاضي محمد موسيٰ وارو مليو آهي، جنهن جو سن 1206هه آهي ۽ ان مجموعي جو عنوان ڪاتب ’اين رسالھ شاهه عبداللطيف‘ ڪري لکيو آهي، جنهن مان اها تصديق ٿئي ٿي ته فقط ’گنج‘ کي، پر گنج کان هڪ سال اڳ لکيل ڪلام کي پڻ ’رسالو‘ سڏيو ويو آهي. ان مان ظاهر ٿي وڃي ٿو ته شاهه جي ڪلام جي مجموعن جو نالو ’رسالو‘ ان کان اڳ هلندو پئي آيو.
سال 1206هه/ 1791ع ۽ 1207هه/ 1792ع ۾ ٻن جدا جدا ڪاتبن پڻ اهو ساڳيو عنوان قائم رکيو، جڏهن ته ڪاتبن جي لکيل انهن عنوانن کان 41 يا 42 ورهيه اڳ شاهه سائينءَ هن دنيا مان پردو مٽايو هو. ان ڪري چئي سگھجي ٿو ته شاهه سائينءَ جي وقت ۾ به سندس حاضريءَ واري ڪلام جو ڪو مجموعو ’رسالي‘ جي نالي سان موجود هوندو، جو پوءِ تائين اهو نالو هلندو آيو، يا اهڙي نالي جو رواج پيو.
قلمي رسالن ۾ سڀ کان آڳاٽو رسالو ’گنج‘ آهي. جيڪو خليفي اسماعيل کاهوڙيءَ گڏ ڪرايو ۽ اهو سال 1207هه/1792ع ۾ لکجي پورو ٿيو. ان کان سواءِ ٻيا ڪيترائي شاهه جي رسالي جا نسخا تيار ٿيا، جن ۾ قاضي موسيٰ وارو، درگاهه منصوره وارو، برٽش ميوزيم لنڊن وارو، انڊيا آفيس وارو ۽ ڪڇ وارو نسخو شامل آهن. ڇاپي رسالن ۾ سڀ کان پهرين جرمن اسڪالر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو تيار ڪري جرمنيءَ مان ڇپرايو. ان کانپوءِ ميان قاضي احمد جو منتخب شاهه جو رسالو بمبئيءَ مان شايع ٿيو، جيڪو ارنيسٽ ٽرمپ جي قلمي نسخن تان کنيو ويو. هن رسالي جي ڪجهه بيتن جو منظوم انگريزي ترجمو ايڇ. ٽي. سورلي پنهنجي ڪتاب ڀٽ جو شاهه (Shah Abdul Latif of Bhit) ۾ ڏنو آهي. ان کانپوءِ 1283هه/ 1866ع مطبع حيدري بمبئيءَ مان هڪ رسالو شايع ڪرايو ويو، جنهن کانپوءِ بمبئيءَ جي مختلف ڇاپخانن مان شاهه جو رسالو شايع ٿيندو رهيو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ جڏهن کان ڪتابن ڇپجڻ جو رواج پيو تڏهن کان رسالن کي به اهميت ملي، پر جنهن مفهوم ۾ ’رسالي‘ لفظ جو اصطلاح ورتو ويو، سو ڪلاسيڪي شاعريءَ جو مجموعو هو. اهڙو پهريون مجموعو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام ئي هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن ۽ واين جا جدا جدا وقتن تي جدا جدا نمونن ۾ گڏ ڪيل قلمي توڙي ڇاپي مجموعا، جن کي اسين ’رسالو‘ يا ’رسالا‘ ڪوٺيون ٿا، تن کي ڪشڪول چيو ويو آهي. جن مجموعن کي بياض (ڪنهن به ڪلام جو صاف نقل) جو نالو ڏنل آهي، تن ۾ شاهه سائينءَ جي ڪلام سان گڏ تمر فقير ۽ ٻين جو ڪلام شامل آهي.
رسالن جي تاريخ ۾ ڀٽ شاهه تي رکيل ’گنج‘ 27 جمادي الثاني، سن 1207هه جو لکيل آهي، جڏهن ته لطف الله قادريءَ جو رسالو به قديم ۽ جھونو رسالو آهي. ان کانسواءِ سچل سرمست جو رسالو، روحل فقير جو رسالو، حمل فقير جو رسالو، شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، غلام حيدر تيرهي جو رسالو، خليفي نبي بخش لغاريءَ جو رسالو، فقير غلام نبي لغاريءَ جو رسالو، قاضي قادن جو رسالو (مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، راضي فقير جو رسالو ۽ موجوده دور ۾ تاجل بيوس جو رسالو ۽ حسن درس جو رسالو وغيره.


هن صفحي کي شيئر ڪريو